حڪومت پاران پيٽروليم ۽ گيس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي.وزيراعظم پيداواري ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا لاءِ آف شور ذخيرا ڳولين.ان کان علاوه پيداواري ڪمپنين پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو.وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته هي پهريون وزيراعظم آهي جيڪو سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 3 سالن ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 240 هنڌن جي کوٽائي ڪئي ويندي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جا مقامي ذخيرا ڳولڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان هر سال تيل ۽ گئس جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو، مقامي ذخيرن مان پيداوار سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي ۽ تيل ۽ گئس سستو ٿيندو.وزيراعظم ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار، سيڪريٽري ۽ ماهر شامل هوندا.اها ڪميٽي پيٽروليم ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا ۽ ترقي لاءِ پرڪشش پاليسي ٺاهڻ لاءِ تجويزون ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔