فواد چوڌري پاران سفري پابندي ختم ڪرڻ جي درخواست، عدالت جو گهرو وزارت کي نوٽيس

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته فواد چوڌري جو سڀ ڪجهه هتي آهي واپس ڇو نه ايندو؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي سفري پابندي واري فهرست مان نالو ڪڍرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ فواد چوڌري جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق گهرو وزارت جي نمائندي کي نوَ جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري جو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا پي اين آءِ ايل واري فهرست تي آهي؟ سادو ڪيس هو اوهان پاڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، اوهان پي اين آءِ ايل قانون به چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، قانون چئلينج ٿي ويو ته هاڻ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻو پوندو، مان هونئن به سڀني کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي، گرميون آهن هر ڪوئي ٻاهر وڃي رهيو آهي.
جسٽس عامر فاروق ڊپٽي اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته فواد چوڌريءَ جو سڀ ڪجهه هتي آهي واپس ڇو نه ايندو؟ فواد چوڌري کي ٽن چئن هفتن لاءِ وڃڻو آهي واپس موٽي ايندو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔