آبپاره ڪيس، خان،قريشي، قيصر سميت سڀ جوابدار آزاد

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ جي باني شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، اسد قيصر ۽ ٻين جوابدارن کي ابپارا ٿاڻي تي داخل ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني شيخ رشيد ۽ ٻين طرفان سردار بسي ايڊووڪيٽ ۽ انصار ڪياني دليل ڏنا.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي باني شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، شهريار آفريدي، فيصل جاويد، راجا خرم نواز، علي نواز اعواڻ، اسد قيصر ۽ ٻين خلاف ابپارا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔