سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ وزيراعظم کي ٻيهر خط لکي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خط لکي ڇڏيو. وڏي وزير خط ۾ لکيو آهي ته ماڪڙ خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري کان ٻين ضلعن ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي، برسات جي موسم ماڪڙ جي واڌ ويجهه لاءِ بهتر موسم آهي، فوري طور مدد ڪئي وڃي. خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته ماڪڙ جي حملي سان فصلن کي نقصان ۽ خوراڪ جو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ماڪڙ جو حملو وڌڻ جو خدشو آهي پلانٽ پروٽيڪشن کي ٿر، اڇڙو ٿر، نارو، سکر ۽ گھوٽڪي جي ريگستاني علائقن ۾ آپريشن لاءِ پابند ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي خط ۾ مطالبو ڪندي چيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 20 مائڪرون ايئر، 12 ايڊيشنل ايئربلاسٽ ٽريڪٽر، 110 فور باءِ فور گاڏيون ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۽ نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر کي ڪاروائي جي هدايت جاري ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔