ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 481 ٿي ويو:وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪيس وڌي رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪري. ڪورونا بابت انگ اکر ٻڌائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ڪراچي ۾ 617 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته حيدرآباد ۾ 25، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ 24-24، شڪارپور ۾ 16، ڄامشورو ۽ سانگهڙ ۾ وڌيڪ 8-8 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ميرپورخاص ۾ 5، قمبر ۽ بدين ۾ 3-3، شهيد بينظير آباد ۾ 2، مٽياري، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪورونا وگهي وڌيڪ 16 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 481 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 334 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 62 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 553 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيل مريضن جو انگ وڌي 13 هزار 810 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 13 هزار 954 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 12 هزار 773 گهرن ۾، 108 قرنطينه مرڪزن ۽ هڪ هزار 73 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو آهي ته هاڻي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪري، اسان سڀئي احتياط ڪنداسين ته هن بيماري کي شڪست ڏئي سگهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔