سڄي ملڪ ۾ گرمي جو زور وڌي ويو، سنڌ ۾ اڄ گرمي پد 47 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي:  ملڪ جي مختلف ميداني علائقن ۾ گرمي وڌي وئي آهي. جنهن کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي اڄ سنڌ ۾ گرمي پد 47 ڊگري تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 42 کان 46 ڊگري تائين رهندو جڏهن ته جيڪب آباد ۽ سکر ۾ گرمي پد 47 ڊگري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته لاهور ۾ اڄ 45، پشاور ۾ 42، اسلام آباد ۾ 40 جڏهن ته ڪوئٽه ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ جيتري شدت جي گرمي محسوس ڪئي ويندي.

موسميات کاتي موجب سخت گرمي  دوران ڏينهن کان پوءِ شام يا رات جو پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان ،ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف هنڌن تي تيز طوفاني برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب لاهور، راولپنڊي، راجن پور، ڊيره اسماعيل خان، پشاور، سوات، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، حيدرآباد ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔