بنگلاديش خلاف بابر، رضوان ۽ شاهين ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو، ڏاهاڻي ۽ سرفراز جي واپسي جو امڪان

لاهور : پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بنگلاديش خلاف هوم سيريز ۾ نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو چٽو امڪان آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ قومي ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي ۽ پهرين ئي رائونڊ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ ٽيم تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي بنگلاديش خلاف آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون ميچون هاڻي پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏڻيون آهن جنهن جي اسڪواڊ لاءِ سليڪشن ڪميٽي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ۽ ڪوچ جيسن گليسپي سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي

پي سي بي چيئرمين بنگلاديش خلاف نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن کانپوءِ چٽو امڪان آهي ته بنگلاديش خلاف هوم سيريز ۾ نون ۽ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو

ذريعن موجب، فاسٽ بالنگ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، عامر جمال، خرم شهزاد، مير حمزا ۽ نسيم شاهه جي موجودگيءَ ۾ حارث رئوف جي نالي تي غور نه ڪيو ويندو جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽيسٽ سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو چٽو امڪان آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڪپتاني جي مستقبل بابت مشاورت جاري آهي جڏهن ته شان مسعود هوم سيريز ۾ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي جاءِ تي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي کيڏائڻ جو خواهشمند آهي. بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ عبدالله شفيق، سلمان علي آغا ۽ سعود شڪيل اهڙا رانديگر آهن جن جي فائنل پليئنگ اليون ۾ شموليت يقيني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔