دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون سيل ڪرڻ جو حڪم

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ دونھون خارج ڪندڙ گاڏين کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو ته سموگ خارج ڪندڙ گاڏين کي رڳو ڏنڊ نه پر بند به ڪيو وڃي.جسٽس شاهد ڪريم چيو ته دونھون نڪرندڙ گاڏين جي تصويرن بابت ٽرانسپورٽ کاتي کي آگاهه ڪيو وڃي، سيف سٽي کان به مدد ورتي وڃي.عدالت چيو ته ون وي ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ جتي به ممڪن هجي ٽائر جا رنگ لڳايو وڃي.ان کان علاوه عدالت ٽولنٽن مارڪيٽ ۾ ڪتن، ٻليون ۽ ٻين جانورن جي بدسلوڪي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کين ٻي جاءِ منتقل ڪرڻ لاءِ 3 مهينن جو وقت ڏئي ڇڏيو.عدالت واسا کي جلد نوان ميٽر لڳائڻ جي به هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔