حڪومت اڄ 18 هزار ارب کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪري رهي آهي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ 18 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي وفاقي بجيٽ اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزارت بجيٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ اڄ شام وفاقي ڪابينا بجيٽ جي حتمي منظوري ڏيندي جنهن کانپوءِ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سالياني وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندو. مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ موجوده اتحادي حڪومت جو هي پهرين وفاقي بجيٽ آهي. هي بجيٽ ان وقت پيش ٿي رهي آهي جڏهن حڪومت جي وڏي اتحادي پارٽي، پي پي پي جا اهم اڳواڻ اهو بيان ڏيندا رهيا آهن ته کين ايتماد ۾ ناهي ورتو ويو. بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب روپيا، قرض ۽ وياج جي ادائگين لاءِ 9 هزار 700 ارب روپيا رکيا ويندا. وفاق جي آمدن جو اندازو 15 هزار 424 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 3 هزار 792 ارب روپيا آهي. جي ڊي پي گروٿ جو ٽارگيٽ 3.6 سيڪڙو رکيو ويو آهي. وفاق پاران صوبن کي 7 هزار ارب ملندا، سبسڊي لاءِ 1509 ارب روپيا رکيا ويندا. پينشن لاءِ 960 ارب ۽ بينظير انڪم سپورٽ لاءِ 593 ارب رکيا ويندا. منجهند ج ڪابينا جي اجالس ۾ منظوري بعد شام جو قومي اسمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔