پاڪستان 12 هزار900 ارب رپيا ٽيڪس جوهدف مقرر ڪري:آءِ ايم ايف

اسلام آباد: آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر کي 3 هزار 490 ارب رپيا اضافي ٽيڪس گڏ ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف انڪم ٽيڪس فائلرز جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ 30 لکن جو انگ وڌائي 60 لک ڪيو وڃي.آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته واپارين کي انڪم ٽيڪس جي دائري ۾ آندو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال لاءِ ٽيڪس جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ هڪ يا ٻه سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي به تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي شين، ٻج، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻين سامان تي مڪمل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.ذريعن موجب کاڌ خوراڪ، دوائن ۽ اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔