پاڪستاني ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين جي مدار ۾ پهچي ويو

اسلام آباد: پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين جي مدار ۾ پهچي ويو

اسپارڪو جي ترجمان موجب ملٽي مشن ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون 5  جون تي ڌرتيءَ جي مدار ۾ داخل ٿيو.  سيٽلائيٽ ايم ايم ون کي اسپارڪو طرفان 30 مئي تي خلا ۾ موڪليو ويو هو

پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين کان  38 هزار 786 ڪلوميٽر جي بلندي جي مدار ۾ 38.2 ڊگري اوڀر تي موجود آهي.

اسپارڪو جي ترجمان موجب 5 ٽن وزني پاڪ سيٽ ايم ايم ون مواصلاتي جديد اوزارن سان ليس آهي،  سيٽلائيٽ ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪندو

ترجمان موجب، مدار ۾ پهچڻ بعد سيٽلائيٽ جا سولر پينل استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

مدار ۾ سيٽلائيٽ جي صحت کي جانچڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔