سنڌ ۾ گجگوڙ۽ طوفاني هوائن سان برسات تباهي مچائي ڇڏي،3 ڄڻا فوت، 40 زخمي

سنڌ ۾ گجگوڙ ۽ طوفاني هوائن سان وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت، 40 کان وڌيڪ زخمي، نوابشاهه ۾ تيز هوا سان برسات دوران پيٽرول پمپ جي ڀِت ڪري پئي، 2 پورهيت دٻجي فوت، سن ۾ طوفاني برسات دوران گهر جي ڇِت ڪري پئي، عورت فوت ۽ ٻارڙي زخمي، قاضي احمد ۾ ڪچيون ڇِتيون، ڇپرا ۽ سولر پليٽس اُڏامي ويون، 35 کان وڌيڪ زخمي، شاهپور چاڪر ۾ مٽيءَ جي طوفان سان وسڪاري دوران گهر جي ڇِت ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 8 ڄڻا زخمي، دادو، جوهي ۽ واهي پانڌي سوڌو ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سان وسڪارو، سڪرنڊ، منهڙو ۽ دولتپور ۾ تيز هوا سان برسات، ڄام صاحب، پڊ عيدن ۽ شهدادپور ۾ به طوفاني هوا سان وسڪارو، مٺياڻي، فيض گنج، پليجاڻي، سرهاڙي، شاهپور چاڪر ۽ ڀرپاسي برسات، طوفاني هوائن سان وسڪارن دوران گهرن توڙي دڪانن جا ڇپرا، ڇِتيون ۽  سولر پليٽون اڏامي ويون، برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔