سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار

ڪراچي: شديد گرمي کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام جان آجي نه ڪرائي سگهي.

لاهور ۾ محسوس ڪيل گرمي پد 45، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 44، مظفر آباد ۾ 42، ڪراچي ۾ 39 ۽ ڪوئٽه ۾ 38 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ 48 ۽ سبي ۾ 47 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه ملتان، بهاولپور، سرگودها ۽ فيصل آباد ۾ گرمي پد 44 ڊگري يا ان کان وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي شهرن نوابشاهه، سکر، موهن جو دڙو ۽ دادو ۾ 50 تي پهچندڙ گرمي پد 4 کان 6 ڊگري تائين هيٺ اچي ويو آهي.

ٻئي طرف گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، پوٽهوهارخطو، اتر، اوڀر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔