ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جو نئون شيڊيول جاري

ڪراچي: ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي نئون امتحاني شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب امتحان 28 مئي کان ٿيندا.

ميٽرڪ بورڊ امتحانن جي ناظم خالد احسان طرفان جاري ڪيل نئين شيڊيول موجب نائين جماعت جو اردو پرچو 28 مئي تي ٿيندو، جڏهن ته ڏهين جماعت جو سنڌي پرچو 29 مئي تي ٿيندو.

خالد احسان موجب 30 مئي تي نائين جماعت جو اسلاميات جو پرچو ورتو ويندو، جڏهن ته 31 مئي تي ميٽرڪ جو پاڪستان اسٽڊيز جو پرچو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔