ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به لاٿ

ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب ملڪ ۾ اربع تي سون جي في تولو قيمت ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ تولو سون جو اگهه 2 لک 48 هزار 200 رپيا ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ سون جي 10 گرام جو اگهه 236 رپين جي گهٽتائي سان 2 لک 12 هزار 791 رپيا ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2395 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جو اگهه 20 ڊالر جي گهٽتائي سان 2415 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 1900 رپيا گهٽتائي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔