پارڪ لين ۽ توشه خانه گاڏين جا ريفرنس: احتساب عدالت صدر آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ۽ توشه خانه گاڏين جي ريفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي

احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا صدر آصف زرداري جي نيب جي ڪيسز ۾ ڇوٽ جي درخواستن جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين آصف علي زرداري صدر آهي تيستائين سندس خلاف ڪارروائي اڳتي وڌائي نه ٿي سگهجي، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف زرداري جي صدر رهڻ تائين ڪيسن جي ڪرمنل ڪارروائي جاري رهي نه ٿي سگهي

عدالتي فيصلي موجب پراسيڪيوشن پاران درخواستن تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ويو ۽ نه وري مخالفت ڪئي وئي، احتساب عدالت چيو ته آئين جي آرٽيڪل 48 (2) تحت صدر خلاف نه ڪو ڪيس ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪا ڪارروائي جاري رهي سگهي ٿي، صدر آصف علي زرداري جون صدارتي ڇوٽ حاصل ڪرڻ واريون درخواستون منظور ڪيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔