ڪراچي ۾ غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سوڌو 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪارروائي ڪئي، غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سميت چار ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مجيب الله، حماد احمد، محمد انيس ۽ غلام عباس شامل، جوابدار مجيب الله ايجنٽ ۽ سهولتڪارن جي مدد سان پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدارن کي پاسپورٽ آفيس صدر ڪراچي جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جوابدار مجيب الله جو اصل نالو زرداد آهي ۽ تعلق افغانستان سان آهي.

ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار مجيب الله ڪجهه مهينا اڳ غيرقانوني طريقي سان بارڊر پار ڪري ڪراچي پهتو هو، جوابدار جعلسازي ذريعي مجيبب الله جي نالي سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به حاصل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔