پاڪستان جا خرچ آمدني کان وڌيڪ آهن، قرضن جو بار وڌي رهيو آهي: عالمي بينڪ

اسلام آباد: عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جا خرچ آمدني کان وڌيڪ آهن.

ڏکڻ ايشيا جي لاءِ عالمي بينڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر ميتهيو ورغيس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊوالپمينٽ اڪنامڪس(پائيڊ) ۽ عالمي بينڪ جي انتظام هيٺ مالياتي ۽ گورننس اصلاحات تي ٿيندڙ تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته  موجوده معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اصلاحات جي عمل کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان جا خرچ آمدني کان وڌيڪ آهن جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي ۽ بيروني قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

تقريب کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊوالپمينٽ اڪنامڪس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نديم الحق پائيڊ جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر در ناياب ۽ ٻين خطاب ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔