صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏينهن، صدر ۽ وزيراعظم صحافين کي ڀيٽا پيش

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر ۽ وزيراعظم صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد صحافت جي آزادي جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ صحافين جي حقن جي حمايت ڪرڻ آهي، هي ڏينهن انهن صحافين جي قربانين جي به ياد ڏياري ٿو جن حقيقت جي ڳولا ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏني.

هن ڏينهن جي مناسبت سان مختلف تقريبون، سيمينارز ۽ ورڪشاپس ڪرايا ويندا آهن جتي صحافين جي آزادي ۽ انهن جي تحفظ جي موضوعن تي ڳالهايو ويندو آهي. ان کانسواءِ ميڊيا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ صحافين کي اعزاز ڏنا ويندا آهن.

صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته آزاد ۽ غيرجانبدار صحافت ئي جمهوريت جو بنياد آهي ۽ هر فرد کي حقيقت تائين رسائي جو حق آهي.

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آزاد پريس عالمي اهميت جا مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي، موسمياتي تبديلي ۽ گرين ٽيڪنالاجيز جِي آگاهيءَ ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي.

آصف علي زرداري صحافت جِي آزاديءَ جَي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ صحافي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته صحافين جَي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن بنا خوف جَي رپورٽنگ ڪري سگهن، ميڊيا قومي مفاد کي نظر آڏو رکندي ذميواراڻي ۽ درست رپورٽنگ ڪري.

سندس چوڻ هو ته ميڊيا کي اخلاقي قدرن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

وزيراعظم شهباز شريف صحافت جِي آزاديءَ جَي عالمي ڏهاڙي تي صحافين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ ڪوريج دوران جان قربان ڪندڙ صحافي هيرو آهن.

شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جبر سان وڙهڻ ۽ سچائي سامهون آڻڻ ئي صحافت جِي آزاديءَ جَي عالمي ڏينهن جو پيغام آهي.

هن چيو ته اسان جِي گذريل 16 مهينن جِي حڪومت دوران ميڊيا جَي تحفظ لاءِ قانونسازي ٿي، هيلٿ انشورنس ۽ ميڊيا انڊسٽري جَي اربين رپين جَي رهتن جِي ادائگي ٿي.

سندس چوڻ هو ته اين آءِ آر سي ذريعي ميڊيا ورڪرز کي ڪروڙين رپين جَي رهتن جِي ادائگي ٿي، ميڊيا انڊسٽري جِي بهتري ۽ مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ميڊيا ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔