ڏکڻ آفريڪا جي دوري بابت پاڪستاني ٽيم جو شيڊول جاري

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي جتي 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون وينديون.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڏکڻ آفريڪا جو هي ستين ٽيسٽ دورو هوندو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال آسٽريليا جي دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.پاڪستاني ٽيم هن سال ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ سان ٽي ملڪي ون ڊي سيريز کيڏندي.ان کان علاوه پاڪستان ساڳئي سال بنگلاديش ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي ميزباني به ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔