پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي تي بابر اعظم لاءِ قيمتي تحفو

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سيزن 9 ۾ شاندار ڪارڪردگي تي پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي طرفان قيمتي تحفو ڏنو ويو.جاويد آفريدي فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ڪجهه نيون تصويرون شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ هو بابر اعظم کي قيمتي ڪار تحفي ۾ ڏيندي نظر اچي رهيو آهي.اهي تصويرون شيئر ڪندي هن ڪيپشن ۾ لکيو ته هي ايم جي ڪار بابر اعظم لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔