مون ڪنهن سان به مڱڻي نه ڪئي آهي : آغا علي

لاهور : پاڪستان جي مشهور اداڪار، ڳائڻي ۽ ميزبان آغا علي پنهنجي مداحن کي واضح ڪيو آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن سان مڱڻي ناهي ڪئي.ياد رهي ته اداڪار آغا علي گذريل ڏينهن هڪ خانگي ٽي وي جي رمضان ٽرانسميشن ۾ شرڪت ڪئي هئي.ان دوران، هن ماضي ۾ پنهنجي رومانوي رشتي جي ڀڃڪڙي ۽ پئسن جي نقصان جي باري ۾ ڳالهايو هو. اداڪار چيو ته سال 2018 سندس لاءِ تلخ تجربن جو سال هو.آغا علي جي بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سندس مداحن اهو اندازو لڳائڻ شروع ڪيو ته آغا علي هن انٽرويو ۾ اداڪارا سارا خان بابت ڳالهائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔