آءِ ايم ايف پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو آهي ته هو ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهن.آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتن ۾ پاڪستان ترقي بابت اڳڪٿي جاري ڪندو.ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزڪ چيو ته پهريون جائزو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال بهتر ٿي آهي.هن چيو ته اسٽينڊنگ معاهدي تحت پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏنا ويندا، اميد آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔