عدليا ۾ مداخلت قبول ناهي، سڀني جي صلاح سان مڪينزم ٺاهبو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين، اهرو مڪينزم ڏينداسين جيئن آ.ندو ڪو عدالتي معاملن ۾ مداخل نه ڪري سگهي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن واري خط م چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي دانهن ڏني هنن ڪجهه نه ڪيو. جسٽس عيسيٰ چيو ته اسين اهڙو0 مڪينزم ڏينداسين جنهن ۾ سول جج، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي دانهن نه ٻڌڻ تي ڪاروائي ٿيندي. هاءِ ڪورٽ وٽ توهين عدالت جي ڪاروائي جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو مان ذميوار نه آهيان. اسين ماصي جي غلطين کي ٺيڪ ڪريون پيا ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان ٿيل نا انصافي جو ازالو ڪيو. چيف جسٽس چيو ته آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرن چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ تحقيقاتي فورم ناهي، ججن جي الزامن جي جاچ لاءِ جسٽس جيلاني جي سربراهي ۾ ڪميشن اسان ٺهرايو؟ ڇا ايف آءِ اي، نيب ۽ پوليس کان جانچ ڪرايون؟ جسٽ عيسيٰ چيو ته مونکي حيرت آهي ته ته وڪيل چون ٿا ته ته سپريم ڪورٽ از خود ڪاروائي ڪري؟ ڇا هنن کي قانون جي خبر ناهي؟ 300 وڪيلن جي خط تي ڪنهن جي صحيح ئي ناهي نالا لکيل آهن. چيف جسٽس ۽ جسٽس منصور علي شاهه، سپريم ڪورٽ بار جي صدر، اٽارني جنرل ۽ وڪيل تنظيمن کي چيو ته هو عدليا ۾ مداخلت روڪڻ بابت تجويزون پيش ڪن. چيف جسٽس چيو ته اسين سڀني ججن کي آن بورڊ وٺي هي معاملو نمٽائينداسين. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هي اهم موقعو آهي ته اسين عدليا ۾ مداخلت جو هميشو لاءِ خاتمو ڪريون ۽ طريقو ڪار واضح ڪريون. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه جج لاهور ۽ ڪجهه ڪراچي ۾ آهن عيد کانپوءِ هن مهيني جي آخر تائين اسين صلاح ڪري ڪيس روزانو جو بنياد تي ٻڌي معاملو نمٽائينداسين.  سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا اسان ڏانهن آڱريون کڻي رهي آهي، اسان کي پاڻ تي آڱريون کڻڻ گهرجن، اهي ڏينهن ويا جڏهن چيف جسٽس وٽ ڪيس حل ڪرڻ جو اختيار هو، مان ڪنهن تي آڱريون نه ٿو اٿاريان. مان ٻين ڏانهن آڱريون کڻندو آهيان، پاڻ ڏانهن ڏسڻ کان بهتر آهي ته کڻڻ کان، هن چيو ته وڪيل چئي رهيا آهن ته سوموٽو وٺو، اهي وڪيل پريڪٽس ڇڏي وڃن، چيف جسٽس ڪنهن تي آڱر به نه اٿاري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔