هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچڻ جو خدشو

اسلام آباد: ورلڊ بينڪ جي پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو بدران 1.8 سيڪڙو رهندي.پاڪستان ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڪرو اڪنامڪ خطرا برقرار آهن ۽ قرضن جو بار وڌي ويو آهي. مالي سال 2022-23 ۾ غربت جي شرح ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، وڌيڪ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي غربت جي لڪير کان هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب تنگ ميڪرو اڪنامڪ پاليسي ۽ وڌندڙ قرضن سبب سيڙپڪاري سست ٿي وئي آهي، بنيادي توازن جي ڊي پي جو 0.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جيڪو ايندڙ مالي سال ۾ 0.3 سيڪڙو هوندو.عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ گهٽجي جي ڊي پي جي 0.6 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي متوقع پرڏيهي قرضن جي گهرج ۾ ڪا تبديلي نه رهندي، هلندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 73.1 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 72.5 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي.ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب مالي سال 2024 جي پهرين اڌ ۾ مضبوط زرعي پيداوار سبب معاشي سرگرميون بهتر ٿيون. اعتماد ۾ بهتري سان گڏ، بحاليءَ سان ڪجهه ٻين شعبن ۾ پڻ مدد ملي آهي، پر ترقي ۽ بهتري جي اها شرح غربت کي گهٽائڻ لاءِ ڪافي نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔