ڪراچي :پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران ملا جلا رجحان ڏٺو ويو، 100 انڊيڪس 408 پوائنٽس جي واڌ سان 167,085 پوائنٽس تي بند ٿيو، واپاري هفتي دوران، 100 انڊيڪس 3,402 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جنهن جي بلند ترين سطح 169,289 ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح 165,886 پوائنٽس تي هئي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هفتي ۾ 200 ارب رپين ۾ 3.39 ارب شيئرز جو واپار ٿيو، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 172 ارب رپين جي واڌ سان 19,038 ارب رپين تائين پهچي وئي.
تبصرے بند ہیں۔