پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 7 کان 8 ارب ڊالر نئون قرض ملڻ جي اميد

اسلام آباد : پاڪستان کي عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کان 7 کان 8 ارب ڊالرن تائين نئون قرض پروگرام ملڻ جي اميد آهي،ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڪلائمينٽ فنانسنگ لاءِ ڳالهين جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ قرض جي موجوده دستيابي ڪوٽا ۾ اضافي جي به اميد آهي. جڏهن ته نئين پروگرام لاءِ درخواست ايندڙ مهيني ڏني ويندي، ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان باقاعده ڳالهيون ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس کان پوءِ ڪيون وينديون، آءِ ايم ايف کان نئين 3 سالن جي قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون 2 کان 3 مهينا جاري رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته نئين مالي سال جو بجيٽ به آءِ ايم ايف جي شرطن موجب تيار ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب بجلي گيس، ٽيرف ۾ اضافو ڪاسٽ ريڪوري اصلاحات ۽ نئين ٽيڪس قدمن جا شرط شامل آهن. مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ تائين پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ جو به يقين ڏياريو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مٿان قرضن کي پائيدار قرار ڏيندي چيو آهي ته قرضن جي ادائيگي لاءِ ايڪسٽرنل فنانسنگ يقيني بنائڻي پوندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام بابت پي ٽي آءِ جا خدشا به نظر انداز ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف نئين مخلوط حڪومت سان ڳالهين لاءِ پرعزم آهي ۽ نئين پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن پارٽين کان ضمانت جي ضرورت نه پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔