ڪسان ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ وارو قدم لاهورهاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪسان ڪارڊ تي نوازليگ جي سربراهه ميان نواز شريف جي تصوير لڳائڻ وارو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو

مشڪور حسين نالي هڪ شهري وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ پنجاب جي سي ايم مريم نواز، پنجاب حڪومت ۽ نواز شريف کي ڌر بڻايو ويو

 درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عوامي فنڊز ذاتي مشهوريءَ لاءِ استعمال نه ٿا ڪري سگهجن، ڪسان ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي

 درخواست ۾ ڪسان ڪارڊ تان نواز شريف جي تصوير هٽائڻ ۽ تصوير تي آيل خرچ نواز شريف کان ڀرائڻ جي استدعا، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حتمي فيصلو اچڻ تائين ڪسان ڪارڊ جي ڇپائي به روڪي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔