پنجاب جي وزيراعليٰ نواز شريف هاري ڪارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور :پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز نواز شريف ڪسان ڪارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ زرعي سڌارن بابت اجلاس ۾ نواز شريف هاري ڪارڊ جي منظوري ڏني وئي.ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب نواز شريف هارين ڪارڊ ذريعي 5 لک ننڍن هارين کي هڪ سال ۾ 150 ارب رپين جو آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو، بهترين ٻج، ڀاڻ، جراثيم ڪش دوائن جي خريداري لاءِ 30 هزار رپيا ڏنا ويندا. في ايڪڙ قرض ڏنو ويندو.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف هاري ڪارڊ ذريعي مختلف قسم جي سبسڊي پڻ ڏني ويندي، پنجاب ۾ خانگي شعبي جي سهڪار سان ماڊل ايگريڪلچر سينٽر ٺاهيا ويندا.ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ هر ضلعي ۾ ماڊل ايگريڪلچر سينٽر ٺاهيا ويندا، هارين کي جعلي ڀاڻن ۽ دوائن کان ڇوٽڪارو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔