گوگل چيٽ ۾ وائس ميسيج متعارف

واشنگٽن: گوگل چيٽ ذريعي هاڻي دوستن ۽ ساٿين سان رابطن ۾ رهڻ وڌيڪ سولو ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ وائس ميسجز جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.گوگل ورڪ اسپيس جي انسٽنٽ ميسجنگ ٽول ۾ ڪجهه وقت پهريان ٽيڪسٽ ۽ تصويرن جي سهولت موجود هئي پر هاڻي وائس ميسيجز موڪلڻ به ممڪن ٿيندو.اهو فيچر شروعاتي طور تي اينڊرائڊ ۽ آءِ فونز ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته ويب ورزن ۾ به ان کي جلد واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.گوگل موجب واهپيدار وائس ميسيجز کي ڊائريڪٽ ميسيجز، گروپ چيٽس ۽ اسپيسز ۾ به موڪلي سگهندا.ڪمپني جي بيان موجب ٽيڪسٽ ٽائپ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وائس ميسيج موڪلڻ سان وقت جي بچت ٿيندي آهي جڏهن ته واهپيدار لاءِ سولو به هوندو آهي.گوگل جو چوڻ آهي ته واهپيدارن پاران ان فيچر جو سڀ کان وڌيڪ مطالبو ڪيو پيو وڃي.اهو فيچر باءِ ڊيفالٽ ان ايبل ٿيندو پر واهپيدار ان کي ڊس ايبل به ڪري سگهن ٿا جڏهن ته وائس ميسيجز تي ٽيڪسٽ ميسيج جيان ريپلاءِ ڪرڻ به ممڪن هوندو.ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو به سولو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔