پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون مڪمل،پاڪستاني ڪارڪردگي تي اطمينان ظاهر

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جائزه مشن وچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي  ويون آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي تحت آخري اقتصادي جائزي تي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف طرفان اڄ رات پڌرائي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ کان اڳ هلندڙ معاملن خاص طور تي پهرين جولاءِ 2024 کان بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ تيل جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين تي وزيراعظم شهباز شريف سميت اعليٰ سطح جي يقين ڏيارڻ جو خواهشمند آهي.

صوبن 600 ارب روپيه سرپلس روينيو پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي پر اهو معاملو اڃان تائين مسئلن جو شڪار رهيو آهي ڇو ته ايم اي ايف پي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ان ۾ هيٺ مٿانهين جو امڪان آهي ته جيئن ان تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي.

هڪ معاملو ٻيو به آهي ۽ اهو معاملو اهو آهي ته آءِ ايم ايف پرچون فروشن جي حوالي سان اسڪيم جو اعلان به چاهي ٿو. پر ايف بي آر مهمان ٽيم کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اها اسڪيم ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪئي ويندي ڇو ته ان جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون جڏهن ته گڏيل آمدني تي ان جو ڪوبه وڌيڪ مثبت اثر نه پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔