جاپان 17 ورهين ۾ پهريون ڀيرو وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ٽوڪيو: جاپان جي مرڪزي بئنڪ 17 سالن ۾ پهريون ڀيرو وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب بئنڪ آف جاپان وياج جي شرح ڪاٽو 0.1 سيڪڙو مان وڌائي 0 کان 0.1 سيڪڙو جي وچ ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن جاپان ۾ اگهن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي.

جاپان طرفان وياج جي شرح ۾ واڌ کانپوءِ هاڻ دنيا ۾ اهڙو ڪو به ملڪ ناهي بچيو، جتي وياج جي شرح ڪاٽو ۾ هجي.

وياج جي شرح ڪاٽو هجڻ جو مطلب اهو آهي ته عوام کي بئنڪن ۾ پئسا رکڻ لاءِ بئنڪن کي ادائيگي ڪرڻي هوندي آهي، مختلف ملڪن طرفان اهو ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته جيئن عوام گهٽ کان گهٽ پئسو بئنڪن ۾ رکي ۽ وڌ کان وڌ خرچ ڪري.

هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ جاپان جي وڏين ڪمپنين پگهارن ۾ 5.28 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو، جيڪا گذريل 3 ڏهاڪن دوران ٿيندڙ سڀ کان وڏي واڌ آهي.

جاپان ۾ شين جي اگهن ۾ معمولي واڌ سبب 1990 جي ڏهاڪي جي آخر کان پگهارن ۾ ذڪر جوڳي واڌ نه ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔