حڪومت پاران آءِ ايم ايف کي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي خاطري

اسلام آباد: اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاشي جائزي جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي جي قيمتن ۾ بروقت واڌ جو يقين ڏياريو آهي، جنهن بعد پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳت جي وصولي لاءِ ماهوار، ٽه ماهي ۽ سالياني ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي، اهو به يقين ڏياريو ويو آهي ته ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ معيشت کي بتدريج دستاويز ڪيو ويندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف بي آءِ ايس پي تحت فائدو حاصل ڪندڙن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ حڪومت جون تائين بي آءِ ايس پي مان فائدو وٺندڙن جو انگ وڌائڻ جو يقين ڏياريو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ معاشي استحڪام جي تسلسل لاءِ ضروري سڌارا جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو ۽ آءِ ايم ايف کان سخت مانيٽري پاليسي، مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ پاليسي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ذريعن موجب ڳالهين جي ڪاميابي تي 1.1 بلين ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي جنهن جي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون نسبتاً آسان هيون پر آءِ ايم ايف سان ڳالهيون اڄ طئي نه ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔