اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن تي ڪامياب ميمبرن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب 7 ميمبرن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اقليتن جي 7 سيٽن  مان پاڪستان مسلم ليگ(ن) کي 4، پيپلز پارٽي کي 2 ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ سيٽ ملي. مسلم ليگ(ن) طرفان کهيئل داس ڪوهستاني، ڊاڪٽر درش، نيلسن عظيم ۽ اسفنديار بهنڊرا اقليتن جي مخصوص سيٽن تي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا آهن.

پيپلز پارٽي کي ملندڙ سيٽن تي رميش لال ۽ نويد عامر قومي اسيمبلي جا ميمبر بڻجي ويا. ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ ايندڙ اقليتن جي هڪ مخصوص سيٽ تي مهان منجياني کي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي سيٽن موجب هينئر تائين جي پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل قومي اسيمبلي ۾ جنرل سيٽن تي پارٽي پوزيشن موجب مسلم ليگ(ن) کي اقليتن جون 4 ۽ عورتن جون 20 سيٽون مليون. مسلم ليگ (ن) طرفان هينئر تائين جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 108 ٿي ويو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جون 2 ۽ عورتون جون 12 مخصوص سيٽون ملڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سيٽن جو گڏيل انگ 68 ٿي ويو آهي.

سني اتحاد ڪائونسل ۾ 81 نوان چونڊيل آزاد ميمبر شامل ٿيا پر انهن جي مخصوص سيٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔