ايم ڪيو ايم کي وفاق ۾ 3 وزارتون ملڻ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ پهرين مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينا ۾ 3 وزارتون ڏيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پورٽس اينڊ شپنگ ۽ اوورسيز پاڪستانيز واري وزارت ڏني پئي وڃي.ان کان علاوه مسلم ليگ ن کان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جا مطالبا به سامهون آيا آهن.ذريعن موجب 3 مطالبا قانون سازي ۽ ٻيا سياسي نوعيت جا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهريون مطالبو اهو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو پئسو صوبن بدران سڌو سنئون مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ٻيو مطالبو اهو آهي ته مڪاني حڪومتن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي ۽ صوبن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بند ڪيو وڃي. صورت ناهي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو ٽيون مطالبو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبو ڪري ٿي ته ٽنهي ڪيسن ۾ قانوني تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔