عالمي عدالت غزه تي اسرائيلي قبضو غير قانوني قرار ڏي،آفريڪا

يروشلم : اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جي شيلنگ ۽ فائرنگ ۾ صحافين کي به نشانو بڻايو ويو،اسرائيلي بربريت سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته مدد لاءِ منتظر فلسطينين تي گوليون پڻ هنيون ويون.ٻئي طرف انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطيني زمين تي اسرائيل جي 57 سالن کان قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ڏکڻ آفريڪا جي نمائندي چيو ته اسرائيل مسلسل فلسطينين جي حقن کان انڪار ڪري غزه ۾ انصاف جي عالمي عدالت جي حڪم سميت سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آفريڪي نمائندي مطالبو ڪيو ته انصاف جي عالمي عدالت اسرائيلي قبضي کي غير قانوني قرار ڏئي.ان کان علاوه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جيڪو جنگ جو جنون آهي، يرغمالين جي آزاديءَ جي بدلي ۾ حماس جون شرطون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان تي اندروني ۽ بيروني دٻاءُ آهي ته هو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کانسواءِ جنگ ختم ڪري ۽ ڪنهن به قيمت تي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ معاهدو ڪريون، پر حماس جا شرط قبول نٿا ڪري سگهون.نيتن ياهو چيو ته حماس جا شرط مڃڻ ۽ يرغمالين کي واپس آڻڻ جو مطلب اهو هوندو ته اسرائيلي رياست حماس جي سامهون پنهنجي شڪست قبول ڪئي هئي.ٻئي طرف اسرائيلي ريڊيو سان ڳالهائيندي اسرائيلي وزير بيزليل سيموٽرڪ چيو ته نيتن ياهو واضح ڪري چڪو آهي ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جي ڪا به قيمت ادا نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔