نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ق ليگ، متحده ۽ باپ پاران گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

 نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ق ليگ، متحده ۽ باپ پاران گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان، اسلام آباد ۾ شهباز شريف، آصف زرداري، خالد مقبول صديقي، چوڌري شجاعت حسين، صادق سنجراڻي ۽ ٻين جي گڏيل پريس ڪانفرنس، آصف زرداري چيو ته اسان طئه ڪيو آهي ته گڏجي حڪومت ٺاهينداسين ۽ ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، چاهيون ٿا پي ٽي آءِ به مصالحت جو حصو ٿئي، اسان هڪٻئي خلاف چونڊ وڙهي آهي، پر ملڪي جي وسيع مفادن ۾ معاشي ايجنڊا تي سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو، شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي گذارش ڪندس ته وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري، مريم نواز پنجاب ۾ وڏ وزارت جي اُميدوار هوندي، صدر سوڌو ٻين عهدن لاءِ ساٿين سان مشاورت بعد فيصلو ڪيو ويندو، شهباز شريف پاران ٻين پارٽين کي به چارٽر آف اڪانومي جي دعوت ڏني وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔