فضل الرحمان اباڻو تڪ هارائي ويو، جهانگرين ترين ۽ پرويز خٽڪ کي به شڪست

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊي آءِ خان ۾ پنهنجي اباڻي تڪ تان هارائي ويو، جهانگير ترين کي ٻنهي قومي تڪن تان شڪست آئي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏي پنهنجي پارٽي ٺاهيندڙ پرويز خٽڪ به قومي ۽ صوبائي ٻنهي تڪن تان هارائي ويو

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان کي به شڪست آئي  آهي

 اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار علي امين خان گنڊاپور 92 هزار 612 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي

مولانا فضل الرحمان 59 هزار 364 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، استحڪام پاڪستان پارٽي جو سربراهه جهانگير ترين لوڌران جي قومي تڪ اين اي 155 تان هارائي ويو

نواز ليگ جي اميدوار صديق خان بلوچ هڪ لک 17 هزار ووٽ کڻي جهانگير ترين کي شڪست ڏني، جهانگير ترين 71 هزار 128 ووٽ کڻي سگهيو

جهانگير ترين ملتان ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار عامر ڊوگر کان هارائي ويو، اڳوڻو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ پي جو اميدوار پرويز خٽڪ نوشهره جي قومي تڪ اين اي 33 تان هارائي ويو

آزاد اميدوار سيد شاهد احد علي شاهه 90 هزار 145 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي،  پرويز خٽڪ رڳو 25 هزار 582 ووٽ کڻي سگهيو

 پرويز خٽڪ کي صوبائي تڪ پي پي 87 نوشهره ۾ به شڪست نصيب ٿي آهي، آزاد اميدوار خليق الرحمان کيس شڪست ڏني، پرويز خٽڪ 18 هزار 176 ووٽ کنيا، خليق الرحمان 44 هزار 762 ووٽ کنيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔