اليڪشن 2024ع، پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار سڀني کان اڳتي

اسلام آباد: اليڪشن 2024ع ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته آزاد اميدوار سڀني کان اڳتي آهن.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، پي ٽي آءِ جي حامي اميدوارن 72، مسلم ليگ نون 48، پ پ 34، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ۽ آءِ پي پي قومي اسيمبليءَ جي ٻن، ٻن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي.

اليڪشن 2024 جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، قومي اسيمبلي جي 41 سيٽس تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا

29 سيٽس تي نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا، پيپلزپارٽي جا 22 اميدوار قومي تڪن تي ڪامياب ٿي ويا آهن.

لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف ڪامياب ٿي ويا.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافتاآزاد اميدوار ياسمين راشد هارائي وئي، ميان نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.

ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ کڻي سگهي، لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ اميدوار راشد محمود سومرو کي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي.

بلاول ڀٽو زرداري هڪ لک 31 هزار 217 ووٽ کڻي ڪامياب، راشد محمود سومرو 34 هزار 572 ووٽ کڻي سگهيو، لاهور جي تڪن تان شهباز شريف ۽ مريم نواز به ڪامياب ٿي وئي.

مسلم ليگ نون جي انجم عقيل خان اسلام آباد ۾ غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب 39 هزار 564 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار 23 هزار 391 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو .

غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب، نون ليگ جو طارق فضل چوڌري 102502 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شعيب شاهين کي 86 هزار 396 ووٽ مليا.

اسلام آباد مان استحڪام پارٽي جي نامزد آزاد اميدوار راجا ختم نواز 89699 ووٽ کڻي حريڪ انصاف جي نامزد اميدوار علي بخاري کي شڪست ڏئي .

غيرحتمي غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪي پي پي ۾ پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد اميدوار سڀني کان اڳتي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔