غزه ۾ اسرائيل جو گهرن تي حملو، 3 ٻارن سميت 8 فلسطيني شهيد

غزه: غزه جي علائقي رفح ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، تازين حملن ۾ 3 ٻارن سميت 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز انهن حملن ۾ رهائشي گهرن کي نشانو بڻايو آهي.ان دوران وچ غزه ۾ هڪ ٻئي حملي ۾ هڪ اسڪول کي بم ڌماڪو ڪيو ويو.عرب ميڊيا موجب بمباري ۾ 4 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن موجب بي گهر ماڻهن اسڪول ۾ پناهه ورتي هئي.ان کان علاوه ديرالبله ۾ اسرائيلي بمباري ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔