چونڊ نتيجن ۾ دير، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي

ڪراچي: چونڊ نتيجن ۾ غير ضروري دير ۽ مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري نه ملڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2326 پوائنٽس جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ٿي ۽ مارڪيٽ ڪريش ڪري ويو. پي ايس ايڪس جي مطابق، KSE-100 انڊيڪس شروعاتي واپار ۾ 2,326 پوائنٽس يا 3.6 سيڪڙو وڃائي 61,871 تي پهچي ويو. جڏهن ته، ڪجهه وقت کان پوء انڊيڪس بحال ٿيو ۽ اڌ کان وڌيڪ پوائنٽس ريڪور ڪيون. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو محمد سهيل چيو ته سروي جي بنياد تي مارڪيٽ کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺاهڻ جي اميد هئي، پر شروعاتي نتيجن ان کي ممڪن نه بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔