ڪراچي جي مختلف تڪن جا نتيجا، ڪنهن جي ڪهڙي پوزيشن آهي؟

ڪراچي: سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي جي تڪ اين اي 248جي 361 مان 3 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي 859ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي ۽ آزاد اميدوار ارسلان خالد 569 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي

اين اي 245 ڪراچي جي 256 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد حفيظ الدين 170 ووٽ کڻي پهرئين، جڏهن ته آزاد اميدوار عطاالله 119 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 244 ڪراچي ويسٽ 1 جي 129 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو فاروق ستار 151 ووٽن سان پهرئين ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ضمير حسين 31 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي

اين اي 241 ڪراچي ڏکڻ 3 ۾ 234 مان هڪ پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار خرم شير زمان 375 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو نويد علي بيگ 34 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 239 ڪراچي ڏکڻ هڪ جي 181 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو نبيل گبول 508 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار محمد ياسر 337 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 231 ملير 3 جي 215 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 422 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو عمر فاروق 153 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 249 ڪراچي سينٽرل 3 جي 320 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو احمد سليم صديقي 370 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو مسلم پرويز 70 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 238 ڪراچي ويسٽ 4 جي 292 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو صادق افتخار 435 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو سيف الدين 234 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 247 ڪراچي سينٽرل 1 جي 267 مان 4 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو خواجا اظهار 1204 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو منعم ظفر خان 590 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اين اي 236 ڪراچي ايسٽ 2 جي 294 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار محمد عالمگير خان 215 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو محمد اسامه رضي خان 83 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 ڪراچي سينٽرل 4 جي 307 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو فرحان چشتي 450 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو حافظ نعيم 227 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.

صوبائي اسيمبلي تڪ پي ايس 105 ڪراچي ايسٽ 9 جي 85 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو سعيد غني 520 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جي ڊي اي جو عرفان الله خان مروت 368 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔