آمريڪا پاران پاڪستان سميت دنيا ۾ صحافين جي گرفتارين تي ڳڻتي ظاهر

واشنگٽن : آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي پابندي ۽ صحافين جي گرفتارين تي ڳڻتي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪستان ۾ صحافين کي ايف آءِ اي جا نوٽيس جاري ڪرڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان موجب، اصولي طور تي، اسان جاري قانوني معاملن تي تبصرو نه ڪندا آهيون.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو آهي ته هڪ آزاد ميڊيا ۽ باخبر شهري هڪ قوم ۽ ان جي جمهوري مستقبل لاءِ اهم آهن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صحافين تي حملا ڪندڙن جي عدم احتساب تي به خدشا آهن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پابنديون اظهار جي آزادي ۽ جمهوري عمل جي خلاف آهن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اظهار جي آزادي تي خدشا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔