شيخ رشيد جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي پوليس 16 جنوري تي 9 مئي واقعن ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو هو سندس خلاف ڳجهي اداري جي آفيس تي حملي جو ڪيس داخل ٿيل آهي.

عدالت شيخ رشيد کي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻيو هو جتي خميس جي صبح ان جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي جنهن تي کيس راولپنڊي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ شيخ رشيد جو مڪمل طبي معائنو ڪيو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري کان پوءِ ئي کيس جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔