چونڊن دوران فوج جي مقرري لاءِ سمري وفاقي ڪابينا ڏانهن اماڻي وئي

اسلام آباد: گهرو وزارت ملڪ ۾ عام چونڊن جي سيڪيورٽي معاملن تي پاڪ فوج جي فراهمي لاءِ سمري ڪابينا ڏانهن اُماڻي ڇڏي.
گهرو وزارت طرفان موڪيل سمري جي نگران ڪابينا جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ٻه لک ستهتر هزار فوجي اهلڪار گُهريا هئا، پاڪ فوج، رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار عام چونڊن ۾ مقرر هوندا.
واضح رهي ته ملڪ ۾ اٺ فيبروريءَ تي عام چونڊون شيڊيول آهن جنهن لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن تمام بلدياتي کاتن جا فنڊز به منجمد ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔