منھنجي پيءُ ۽ ڏاڏي سان ناانصافيون ٿيون: جونيئر ذوالفقار

ڪراچي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جيڪي جوابدار ملوث ھئا، انھن کي تحفا ۽ ترقيون ڏنيون ويون، حيرت آهي ته 8 ماڻهو شھيد ٿي ويا، اسان کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جيڪي ماڻهو نامزد ھئا، اھي ئي واقعي جا ذميوار آھن، منھنجي ڏاڏي ۽ منهنجي پيءُ سان ناانصافيون ٿيون

هن چيو ته ناانصافين باوجود اسان عدالت مان انصاف جي اميد رکون ٿا، عدالت ۾ اچڻ جو مقصد انصاف حاصل ڪرڻ آھي، مان پنهنجي والد کي روزانو ياد ڪندو آهيان

هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  قتل ڪيس ٻيهر کُليو آهي، اسان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ به ڌُر بڻجڻ وڃون ٿا، اميد آهي ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔