انسٽاگرام ۽ فيسبڪ ۾ نئين سال جي پهرين وڏي تبديلي

نيويارڪ: ميٽا پاران فيسبڪ ۽ انسٽاگرام ۾ 2024ع جي پهرين وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي. ڪمپني پاران فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي نوجوان واهپيدارن جي تحفظ لاءِ نوان ٽولز متعارف ڪرايا ويا آهن. فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي سرپرست ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته نوجوانن جي تحفظ لاءِ نيون پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن. نئين پاليسين تحت 18 سالن کان گھٽ عمر جي واهپيدارن لاءِ آپگهات، پاڻ کي نقصان پهچائڻ ۽ ايٽنگ ڊس آرڊرز (eating disorders) جهڙي حساس مواد تائين سرچ ۽ ايڪسپلور جهڙن فيچرز ذريعي پهچ وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. ڪمپني جو چوڻ هو ته سمورن نوجوانن جي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس جي سيٽنگز کي تبديل ڪري حساس مواد تائين پهچ کي ڏکيو بڻايو ويندو. ڪمپني پاران چيو ويو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته نوجوانن کي اسان جي ايپس ۾ محفوظ ۽ سندن عمر موجب مناسب مواد ملي، ان ڪري اسان ننڍي عمر ج واهپيدارن کي اضافي تحفظ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون. بلاگ پوسٽ موجب جيڪڏهن ننڍي عمر جو واهپيدار اهڙي اڪائونٽ کي فالو ڪندو جيڪو حساس موضوع تي پوسٽنگ ڪندو هجي ته اهي پوسٽون ان نوجوان جي فيڊ تي نظر نه اينديون. انهن قدمن تي عملدارآمد ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪئي ويندي. ڪمپني پاران اهي قدم ان ڪري کنيا پيا وڃن جڏهن ان کي مختلف ملڪن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔