آءِ ايم ايف قرض منظوري، ايڪسچينج 65 هزار جي حدر پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.آءِ ايم ايف کان 70 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 65 هزار جي سطح عبور ڪري ويو.100 انڊيڪس 649 پوائنٽن جي واڌ سان 65 هزار 266 تي پهچي ويو.انڊيڪس ڪالهه 64 هزار 617 پوائنٽس تي بند ٿيو جڏهن ته ڪاروبار بند ٿي ويو،ٻئي طرف انٽر بئنڪ ڪاروبار جي شروعات ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 41 پئسا سستو ٿيڻ بعد 280 رپيا 70 پئسا ٿي ويو،ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 11 پئسا تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔