اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ زلزلو، ماڻهن ۾ خوف

اسلام آباد:وفاقي راڄڌاني سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

لاهور، پشاور سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهن ۾ خوف  حراس پکڙجي ويو، ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.0 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان ۾ ڪوهه هندوڪش جو پهاڙي سلسلو آهي  جنهن جي گهرائي 213 ڪلو ميٽر هئي.

ڪوهاٽ، ايبٽ آباد، ڊي آءِ خان، هنگو، ديامر، پارا چنار، منڊي بهاءُالدين، بهکر، نوشهره، مظفر آباد، وادي نيلم، آزاد ڪشمير ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

انتظاميه ۽ امدادي ٽيمون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن خوشقسمتي سان هينئر تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي سگهي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوئٽه شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔