اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس: پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان ڏيڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن بيٽ جي نشان تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن طرفان بيٽ جي نشان تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميشن جي چئن ميمبرن ۽ اسپيشل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جلد پٽيشن تيار ڪندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان بيٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔